ڇپر جا سونهان

ڇپر جا سونهان

ڇپر جا سونهان

ڇپر جا سونهان (ڪتاب): ’ڇپر جا سونهان‘ ڪتاب، نامور صحافي ۽ اديب فقير محمد لاشاريءَ جي ’شخصيت ۽ چونڊ لکڻين‘ بابت، سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سربراهه ۽ اديب نور احمد ميمڻ سهيڙيو آهي. هي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي: (1) شخصيت، (2) چونڊ مضمون، ۽ (3) چونڊ اداريا. پهرئين حصي ۾ فقير محمد لاشاريءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس شخصيت تي رئوف نظاماڻي، علي احمد بروهي، حسين شاهه راشدي، صادق بڙدي، سليم چنا، نصير سارنگ، مرتضيٰ لاشاري، نصرت لاشاريءَ جا مضمون ۽ فقير محمد جي تڏي تي گاجي کهاوڙ ۾ رکيل تاثراتي نوٽبڪ تان تاثرات ڏنا ويا آهن. ٻئي حصي ۾ فقير محمد لاشاريءَ جا چونڊ مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾ عوام جو احترام ۽ عوام جي طاقت، سنڌي معاشرو- اڄ ۽ سڀاڻي، سنڌ جا سور ۽ اديب جو ڪردار، صحافت- منصب ۽ حالت، رياستي دهشتگردي ۽ انساني حق، ڪامورا يا نوڪر، اڄ جو زمانو ۽ شاهه لطيف، سنڌ ۾ شاگرد سوال- هڪ نظر ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. ٽئين حصي ۾ فقير محمد لاشاريءَ جا روزاني عوامي آواز ۽ روزاني جاڳو ۾ لکيل اداريا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 294 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب جولاءِ 1994ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ ڇاپيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو